وڪيل ڀورو مل ڪولهي

وڪيل ڀورو مل ڪولهي

ڀورو مل ڪولهي وڪيل

ڀورو مل، ڪولهي، وڪيل: ڀورو مل پٽ ڌينگو مل ڪولهي، تعلقي مٺيءَ جي شهر اسلام ڪوٽ جو رهاڪو آهي. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول اسلام ڪوٽ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان سال 1969ع ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم کي جاري رکي نه سگهيو. آخر سال 1979ع ۾ بي. اي، ۽ سال 1981ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪري وڪيل ٿيو. هن ميرپورخاص جي نامياري قانوندان ڪامريڊ روچيرام وٽ پرئڪٽس ڪئي. سال 1975ع ۾ هفتيوار ”سچائي“ ۽ ”بيداري“ اخبارن (ميرپورخاص) جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهيو. هن نبي سر روڊ ۾ اڳوڻي ايم. اين. اي پارو مل ”پريمي“ (پريم پارڪري) سان گڏجي امر شهيد ”روپلي ڪولهيءَ“ جي ورسي ملهائي. جنهن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي هئي. هن ورسيءَ ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. سال 1973ع ۾ آل سنڌ ڪولهي ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پڙهائڻ جو بندوبست ڪيائين. روزانه اخبار ”عبرت“ ۾ سندس مشهور ڪالم ”ٿر ۽ پارڪر ڪيئن آباد ٿيندو“ 15 قسطن ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ حڪومت پاڪستان جي سربراهه ۽ سنڌ گورنمينٽ جي اعليٰ عملدارن، حاڪمن کي ٿر جي ترقيءَ لاءِ هڪ ”ماسٽر پلان“ ٺاهڻ لاءِ مفيد مشورا ڏنل آهن. سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقن سندس ڪالم کي تمام گهڻو داد ڏنو. ٿر جي هن غريب طبقي جي فرد بلدياتي چونڊن ۾ اسلام ڪوٽ مان بي. ڊي اليڪشن ۾ حصو ورتو. هن وقت مٺي شهر ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي مفت قانوني مدد ڪندو آهي. سندس تعلق سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۽ سنڌ ليبر پارٽيءَ سان پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو